ٺلهه، ڳوٺ لڳ آھي، جنهن جي چوڌاري زرعي زمين آهي. ٺلهه هڪ دڙي تي ٺهيل آهي جو ڪنھن سمي وڏو ھوندو، پر ھينئر والار ھيٺ اچي ويو آھي ۽ مقامي ماڻھن ان کي ڊاھي آباديءَ لائق زمينن ۾ آڻي ڇڏيو آهي. ھي دڙو زمين جي مٿاڇري کان 12 فوٽ اوچو آھي ۽ هن جي ويڪر ۽ ڊيگهه هن وقت 9 وڃي رھي آهي. ٺلهه ٻن طبقن ۾ ٺھيل' />
ٺلهه، ڳوٺ لڳ آھي، جنهن جي چوڌاري زرعي زمين آهي. ٺلهه هڪ دڙي تي ٺهيل آهي جو ڪنھن سمي وڏو ھوندو، پر ھينئر والار ھيٺ اچي ويو آھي ۽ مقامي ماڻھن ان کي ڊاھي آباديءَ لائق زمينن ۾ آڻي ڇڏيو آهي. ھي دڙو زمين جي مٿاڇري کان 12 فوٽ اوچو آھي ۽ هن جي ويڪر ۽ ڊيگهه هن وقت 9 وڃي رھي آهي. ٺلهه ٻن طبقن ۾ ٺھيل..." />
ٺلهه ڊرٻ چانڊيو

ٺلهه ڊرٻ چانڊيو

ٺلهه ڊرٻ چانڊيو

ٺلهه ڊرٻ چانڊيو: هي ٺلهه ميرو خان لاڙڪاڻي روڊ کان 25 ڪلو ميٽر ڳوٺ ارباب شيخ. ضلعي لاڙڪاڻي ۾ آهي. ھي ماڳ اتر ڊگھائي ڦاڪ27043\' 50\" ڊگرين ۽ اوڀر 68010\' 30\" ڊگرين تي آھي.
ٺلهه، ڳوٺ لڳ آھي، جنهن جي چوڌاري زرعي زمين آهي. ٺلهه هڪ دڙي تي ٺهيل آهي جو ڪنھن سمي وڏو ھوندو، پر ھينئر والار ھيٺ اچي ويو آھي ۽ مقامي ماڻھن ان کي ڊاھي آباديءَ لائق زمينن ۾ آڻي ڇڏيو آهي. ھي دڙو زمين جي مٿاڇري کان 12 فوٽ اوچو آھي ۽ هن جي ويڪر ۽ ڊيگهه هن وقت 9 وڃي رھي آهي. ٺلهه ٻن طبقن ۾ ٺھيل آھي. ھيٺيون طبقو چورس ھر پاسو 200 س. م ماپ جو آھي؛ اوچائي 250 س. م اٿس. ٻيو طبقو گول آهي، جنھن جو گھيرو 12.9 فوٽ آھي، جيڪو پڪ سرو آهي ۽ ان ۾ مختلف ماپ جون سرون استعمال ٿيل آھن. سڄو گل سان اوساريل آھي. ھيٺيون حصو زبون آهي، جڏھن ته مٿيون حصو ڪي قدر بھتر آھي. مقامي ماڻھن ٻڌايو ته پيڙهه/ ھيٺين طبقي تي ڪي کڏڻا (Recesses) ۽ جارا (Niches) ھئا، جيڪي اتر پاسي ھئا، اھي جارا ۽ کڏڻا ڪي ٺلهه ۾ اندر ٺھيل نه ھئا، پر واڌو اڏاوت ھئي، جنھن جا نشان مٽجي ويا آھن. چون ٿا ته ٺلهه جي اولهه ۾ ڏاڪڻ ٺھيل ھئي جيڪا ھيٺ بنيادن ڏانھن وئي پئي. ٺلهه گاري سان لتل آهي، جنھن جا نشان اڃا بيٺا آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو